23 آچر , سيپٽمبر 2018

ساهيوال: هٿياربندن يوسي چيئرمين کي گهر ۾ گهڙي قتل ڪري ڇڏيو

ساهيوال ( ويب ڊيسڪ ) ساهيوال ۾ هٿياربندن ۾ گهر اندر گهڙي يوسي چيئرمين کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب ساهيوال جي علائقي 56 فائيو ايل ۾ يوسي چيئرمين جهانگير کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. پوليس موجب يوسي چيئرمين جي قتل جو واقعو گذريل رات پيش آيو، پنجن جوابدارن گهر ۾ گهڙي جهانگير تي فائرنگ ڪئي جنهن سان هو موقعي تي مارجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے