25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ عمران خان،شاهد خاقان عباسي ۽ عائشه گلالئي سڀاڻي گڏ طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي تڪ اين اي 53 جي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ عمران خان، شاهد خاقان عباسي ۽ عائشه گلالئي کي گڏ طلب ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ عائشه گلالئي عام چونڊن لاءِ سالام آباد جي اين اي 53 تي نامزدگي ڪاغذن جمع ڪرايا آهن. رٽرننگ آفيسر طرفان اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ سڀاڻي کان ڪئي ويندي جنهن سلسلي ۾ آر او عمران خان، عائشه گلالئي ۽ شاهد خاقان عباسي کي گڏ هڪ ئي ڏينهن ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي. عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي عبدالوهاب بلوچ اعتراض داخل ڪيا آهن، تنهن ڪري عمران خان کي ڪاغذن جي جاچ پڙتال سان اعتراضن جا جواب ڏيڻا پوندا جڏهن ته عمران خان جا وڪيل عيد کان اڳ اعتراضن جا نقل حاصل ڪري چڪا آهن. اين اي 53 تان 63 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن جنهن ۾ مسلم ليگ ن جو بئريسٽر ظفر الله، مهتاب عباسي ۽ پي ٽي آءِ جو الياس مهربان به شامل آهي. اين اي 53 جي اميدوارن جي آخري لسٽ 19 جون تي جاري ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے