24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |روهڙي: هٿياربندن ڳوٺ تي هلان ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

روهڙي ويجهو  هٿياربندن  گهر تي فائرنگ ڪري پيءُ کي ٻن پٽن سميت قتل ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته 3 عورتون پڻ زخمي ٿي پيون.

رپورٽن مطابق روهڙي جي ڳوٺ بصر ميتلو ۾ هٿياربندن امتياز ميتلو جي گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ امتياز ميتلو، سندس ٻه پٽ محمد وسيم ۽ محمد نواز موقعي تي ئي قتل ٿي ويا. جڏهن ته 3 عورتون گلزاران، منوران ۽ نبيلان زخمي ٿي پيو، فائرنگ بعد جوابدار سولائي سان فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس مطابق معاملو پيار پرڻي تان پيش آيو آهي. متاثر ڪٽنب جي هڪ نوجوان ناري کي ڀڄائي پيار پرڻو ڪيو هو، جنهن جو بدلو وٺڻ لاءِ جوابدارن حملو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے