26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |کپرو: ڪرڪيٽ جي ميچ دروان جهيڙو ، نوجوان مارجي ويو ، ٻه زخمي

کپرو ويجهو  ڪرڪيٽ ميچ دوران رانديگرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ رانديگر مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ عيسي هنڱورو ۾ ڪرڪيٽ مئچ دوران سميجا برداري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

ڪهاڙيون لٺيون لڳڻ سبب  نوجوان  حاڪم سميجو قتل ٿي ويو جڏهن ته سليم ۽ رحمت  زخمي ٿي پيا.

مارجي ويل نوجوان جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو  جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .

زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ جو ماحول سوڳوار آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhiryaCity

نيوز | ڀرياسٽي: نائيچ برادري جي ماڻهن جو گهرن تي چڙهائي ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڀرياسٽي ۾ نائيچ برادري جي ماڻهن پاران گهرن تي چڙهائي ۽ ٻن ڄڻن جي گرفتاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے