22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز| سانگهڙ: شري گرو ڌيرج گرسوامي جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پهتو

سانگهڙ  ويجهو جهول ۾   شري گرو ڌيرج گرسوامي جو ساليانو ميلو پڄاڻي تي پهتو ، ميلي جي تقريبن ۾ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ هندو ڪائونسل جي صلاحڪار ۽ سماجي اڳواڻ راجيش ڪمار هرداساڻي،پنڊت ارجڻ داس،رامچند مهراج،سنت شري موهن گر سائين سوائي درٻار شهدادپور ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ميلي ۾ ضلعي سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان مردن عورتن ۽ ٻارڙن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي صوفياڻي راڳ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾  ڀڳت لوڻا رام ڏونگر،جئرام داس،ڀاڳچند لاکاڻي،ڀڳت ڀاڳچند،ونود ڪمار ۽ ٻين سريلي آواز سان ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.

ان موقعي تي راجيش ڪمار هرداساڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هميشه صوفين جي ڌرتي رهي آهي .

هن چيو ته اهڙا  ميلا ۽  پروگرام سنڌ جي شان کي وڌائين ٿا جنهن سان  دنيا ۾  پيار ۽ امن جو پيغام وڃي ٿو.

هن چيو ته سنڌ جي صوفين دنيا کي امن ، پيار ۽ خوشحالي جو پيغام ڏنو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Drib Mehar Shah: Imam Hussain accepted the refusal but did not follow the wrongdoer: Sahel Shah

ڊرٻ ميهر شاهه: امام حسين موٽ قبول ڪيو پر هو ظالم آڏو نھ جهڪيو:بچل شاهه

پي پي اڳواڻ سيد بچل شاهه چيو آهي تھ  ڪربلا جي ميدان ۾ اسلام جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے