19 اربع , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جو رياستي ڏاڍ ۽ تشدد عيد تي به بند نه ٿي سگهيو، ڀارتي فورسز فائرنگ ڪري عيد ڏينهن به  ٻن  ڪشميري کي شهيد ڪري ڇڏيو.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب مظاهرين تي ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب عيد جي نماز بعد والاريل ڪشمير ۾ ڀارت خلاف مظاهرا ڪيا ويا. مظاهرين پاڪستان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي ۽ پاڪستاني جهنڊا ڦڙڪايا. ڀارتي فورسز مظاهرين کي روڪڻ لاءِ مظاهرين تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پيلٽ گنز ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي. حريت ڪانفرنس اڳواڻ  مير واعظم عمر فاروق جو چوڻ آهي ته عالمي برادريءَ کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته عيد تي به ڀارتي فوج جو ظلم ۽ تشدد جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے