18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

قرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ سموري قوم کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته قرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ سموري قوم کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار فائونٽين هائوس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان رٽائرمينٽ کانپوءِ فائونٽين هائوس جو ڪارڪن ٿيڻ پسند ڪندس، بهتر انتظام ڪنهن ٻي اسپتال ۾ نه ڏٺا آهن، هتي اچي کيس دلي سڪول مليو آهي. هن چيو ته اسان جا ايندڙ پنج نسل قرضي بڻجي چڪا آهن، اسان جا پنج نسل جيڪي اڃا دنيا ۾ نه آيا آهن سندن حق وٺي کائي چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ڪم نه ڪندو ته ڪنهن کي ته قوم لاءِ نڪرڻو پوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته فائونٽين هائوس خانگي سطح تي ڪم ڪري سگهي ٿو ته حڪومتي ادارا ڇو نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته بهتر انتظام ڪنهن ٻي اسپتال ۾ نه ڏٺا آهن، هتي اچي مون کي دلي سڪون مليو آهي، رٽائرمينٽ کانپوءِ مان فائونٽين هائوس جو ڪارڪن بڻجڻ پسند ڪندس. هن چيو ته ميديا تعميري ڪمن ۾ وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے