23 آچر , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار وڏو وزير ٿيڻ چاهي ٿو ته سٺي ڳالهه آهي: مولابخش چانڊيو

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊئي چيو آهي ته ميان صاحب جو ڀاءُ ئي ڇو، پارٽي جي ٻين ماڻهن جو به حق آهي، چوڌري نثار جا پارٽيءَ سان پراڻا اختلاف آهن، جيڪڏهن هو وڏو وزير بڻجي ٿو ته بهتر آهي. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي چيو ته مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن چونڊون ٿيون هجن ۽ اليڪشن ڪميشن تي الزام نه لڳو هجي. هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي لاءِ اليڪشن تي عوام جو اعتماد ضروري آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو بيان سٺو ناهي. سندس چوڻ هو ته بيان جو مطلب آهي توهان ٻڌائي رهيا آهيو ته توهان کٽندا نه ڪا ٻي پارٽي اچي رهي آهي. مولابخش چانڊئي چيو ته چوڌري نثار به پراڻو ماڻهو آهي هو به وڏو وزير ٿيڻ چاهي ٿو ته سٺو آهي، سندس پارٽيءَ سان پراڻا اختلاف آهن. هن چيو ته ميان صاحب جو ڀاءُ ئي ڇو وڏو وزير ٿيندو آهي، پارٽي جي ٻين ماڻهن جو به حق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے