19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪوئيٽا ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏيءَ تي فائرنگ، 3 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڪوئيٽا ۾ سرياب روڊ جي علائقي ڪلي بنلگزئي ويجهو هٿياربندن ليوز جي گاڏيءَ تي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ليويز جا 3 اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا. حملي کانپوءِ هٿياربند ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي کانپوءِ امدادي ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو. سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے