19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي 

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي . عيد الفطر جي موقعي تي لکين مسلمان مسجدن، عيدگاهن ۽ راندين جي ميدانن ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جنهن ۾ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي ۽ مسلمان ملڪن ۾ هلندر فساد جي خاتمي لاءِ به دعائون گهريون ويون. ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ عيد الفطر جي موقعي تي شهر جي وڏين مسجدن، عيد گاهن ۽ امام بارگاهن ٻاهران  پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي جڏهن ته پوليس کانسواءِ رينجرز اهلڪارن به ڊيوٽي جا فرض ادا ڪيا. اهم عيد گاهن تي نمازين کي واڪ ٿرو گيٽ ذريعي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. عيد الفطر جي موقعي تي شهر جي اهم عوامي هنڌن، تفريحي هنڌن ۽ پارڪن ٻاهران پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي. ميٽرو پوليٽن ڪراچي تحت شهر ۾ عيد الفطر جو سڀ کان وڏو ميڙاڪو گلشن جناح پولو گرائونڊ ۾ ٿيو، عيد نمز مولانا محمد احمد سليمي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. ڪراچي جي ميئر وسيم اختر، ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، نگران صوبائي وزيرن، ۽ اڳوڻي ايم پي ايز توڙي ايم اين ايز به ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به عيد جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے