18 اربع , جولاءِ 2018

عمران خان ٻڌي ڇڏي ته وزيراعظم لوٽن نه پر ووٽن سان ٿيندو آهي: طلال چوڌري

جڙانوالا ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته پارٽيون ٺاهڻ سان ماڻهو ايم اين اي يا ايم ايم پي اي نه ٿيندا آهن، عمران خان ٻڌي ڇڏي ته وزيراعظم  لوٽن سان نه پر ووٽن سان ٿيندو آهي. جڙانوالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته عوام الزام هڻندڙن ۽ پارٽيون تبديل ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندو. هن چيو ته مخالفن جون اميدون پوريون نه ٿينديون، اسان سان انصاف ٿيندو،  ڪيس ختم ٿيندا، اسان پهريون به ڄمي ويڙهه ڪئي، حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.  هن چيو ته پنجن سالن جو حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، مخالف ڪنهن ٻي طريقي سان اسان کي ٻاهر رکڻ چاهين ٿا، مذهبي جنونيت جو خاتمو ڪيو ويندو، اسان ڪنهن تي الزام نه هنيو آهي، نواز شريف خلائي مخلوق سان وڙهي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے