23 آچر , سيپٽمبر 2018

عيد ڏينهن واهگا سرحد تي سرگرميون معمول موجب جاري رهنديون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عيد جي موڪلن باوجود پاڪ ڀارت واهگا سرحد تي سرگرميون معمول موجب جاري رهنديون.عيد الفطر جي موقعي تي پاڪ ڀارت واهگا سرحد تي سرگرميون معمول موجب جاري رهنديون. دوستي بس ۽ ٽرين جو ڦيٿو ڦرندو رهندو  جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ پيادل ايندڙ ويندڙن جو سلسلو به جاري رهندو پر ٻنهي ملڪن ۾ واپار جو سلسلو بند رهندو. عيد الفطر دوران وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ موڪلون هونديون پر پاڪ ڀارت جون گڏيل واهگا اٽاري سرحد تي سرگرميون جاري رهنديون. ٻنهي ملڪن ۾ مسافر سفر ڪري سگهن ٿا جڏهن ته ڇنڇر ۽ سومر ڏهاڙي دوستي بسون به معمول موجب سفر ڪنديون. اهڙي نموني ٻنهي ملڪن ۾ هلندڙ سمجهوتا ايڪسپريس به سومر مسافرن کي کڻي ڀارت ويندي، مذهبي ياترا لاءِ پاڪستان ايندڙ سک ياترين کي به عيد جي ٻئي ڏينهن يعني 17 جون تي اسپيشل ٽرين ذريعي واپس موڪليو ويندو، عيد جي موڪلن دوران پاڪ ڀارت واپار بند رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے