20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ عيد ملهائي پئي وڃي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ اڄ عيد الفطرملهائي پئي وڃي، جڏهن ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ عيد سڀاڻي ملهائي ويندي. سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن روزي اها اميد پيدا ڪئي هئي ته هن ڀيري قوم هڪ ئي ڏينهن عيد ملهائيندي پر اهو خواب پورو نه ٿي سگهيو آهي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو پر ٻئي طرف ڪي پي ۾  چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اڄ صبح جي مختلف علائقن ۾ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي. پشاور ۾ عيد نماز جو سڀ کان وڏو ميڙاڪو مسجد مهابت ۾ خان ۾ ٿيو، ان کانسواءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ به عيد نماز جا ننڍا وڏا ميڙاڪا ٿيا. نوشهره، بنون، چارسده کانسواءِ صوبي ۾ ضم ڪيل قبائلي علائقن ۾ به مذهبي جوش ۽ جذبي سان عيد ملهائي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے