23 آچر , سيپٽمبر 2018

چوڌري نثار وارو معاملو حل ٿيندي ٿيندي خراب ٿي ويو آهي: سعد رفيق

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته چوڌري نثار جو معاملو حل ٿيندي ٿيندي وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته چوڌري نثار جو معاملو  خراب ٿي ويو آهي، ڪاش ايئن نه ٿي ها، اسان اهو نه چاهيندا هئاسين پر ايئن ٿي ويو آهي. هن چيو ته چوڌري نثار علي جو معاملو خراب ٿيڻ تي کيس افسوس آهي. مسلم ليگ ن ۽ چوڌري نثار ۾ اختلاف ختم نه ٿي سگهيا آهن. پارٽي طرفان چوڌري نثار علي کي ٽڪيٽ جاري نه ڪرڻ تي چوڌري نثار علي آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ مسلم ليگ ن سندس مقابلي ۾ اميدوار به آڻي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے