25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب سميت وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ عيد ملهائي پئي وڃي

رياض( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب سميت وچ اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن، برطانيا، فرانس، بيلجيم سميت سڄي يورپ ۾ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي. آمريڪا ۾ به مسلمان ڪميونتي جي اڪثريت اڄ عيد ملهائي رهي آهي، جڏهن ته ترڪي ۾ به اڄ عيد آهي. جاپان ۽ انڊونيشيا جا مسلمان به اڄ عيد ملهائي رهيا آهن، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ سڀاڻي پاڪستان سان گڏ عيد ملهائي ويندي.  فرانس ۽ آسٽريليا ۾ هلندڙ سال به 2 عيدون ملهايون وينديون، پيرس جي جامع مسجد اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته فقه جعفريه تحت عيد ڇنڇر ڏهاڙي ٿيندي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ صبح عيد نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ 15 لک کان وڌيڪ نمازين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي روح پرور منظر ڏسڻ لاءِ مليا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے