20 اربع , جون 2018

روس ۾ فٽبال ورلڊ ڪپ جو رنگين افتتاح، فنڪارن ميلو لُٽي ورتو

ماسڪو (اسپورٽس نيوز) روسي صدر ولاديمير پيوٽن شاندار افتتاحي تقريب کانپوءِ سال جي سڀ کان وڏي ايونٽ فيفا ورلڊ ڪپ 2018ع جي باقاعدي شروعات جو اعلان ڪيو، جڏهن ته افتتاحي ميچ ۾ سعودي عرب ۽ روس جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. روس جي تخت گاهه ماسڪو جي لزنيڪي اسٽيڊيم ۾ 80 هزار ماڻهن جي موجودگي ۾ ولاديمير پيوٽن 21هين ورلڊ ڪپ جو اعلان ڪيو، جيڪو 1980ع جي ماسڪو اولمپڪس کانپوءِ روس ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏو ايونٽ آهي. 2010ع ۾ اسپين کي ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ايڪر ڪيسيلاس ۽ روس جي سپر ماڊل نتاليا ووڊيو نووا ميدان ۾ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کڻي آيا، جنهن کانپوءِ افتتاحي تقريب جي باقاعدي طور شروعات ٿي، جڏهن ته اڳوڻي عظيم برازيلين فٽبالر رونالڊو عالمي ڪپ جي ميسڪوٽ زابي واڪا سان گڏ جلوا ڏيکاريا. 15 کان 20 منٽن تائين جاري رهندڙ افتتاحي تقريب ۾ روبي وليمز پنهنجي شاندار پرفارمنس ذريعي اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن جون دليون کٽي ورتيون، هن پنهنجي مشهور گيتن ”ليٽ مي انٽرٽين يو ۽ روڪ ڊي جي“ سان ويٺلن کي لطف اندوز ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ ڊانسرن اسٽيج شوقينن جو ڌيان ڇڪايو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرتگال جي ٽيم مراڪش کي 0-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) پرتگال ۽ مراڪش جي وچ ۾ ٿيل ميچ جون تصويري جهلڪيون

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے