21 اڱارو , آگسٽ 2018

نيوزيلينڊ جي آميليا ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

ڊبلن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ وومين ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين آميليا ڪر ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ انفرادي طور وڏي اننگز کيڏي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي، هوءَ ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ نيوزيلينڊ جي پهرين ۽ دنيا جي ٻي رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي. گذريل ڏينهن آئرلينڊ خلاف کيڏيل ٽين ون ڊي ميچ ۾ آميليا ڪر شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ مخالف بالرن کي ڪُٽڪو ڏيندي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي. 17 ورهين جي آميليا 232 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽي، جنهن سان گڏوگڏ هن آسٽريلوي رانديگرياڻي بلينڊا ڪلارڪ کان 21 سال پراڻو رڪارڊ پڻ کسي ورتو. بلينڊا ڪلارڪ 1997ع ۾ ڊنمارڪ خلاف کيڏيل هڪ ڏينهن واري ميچ ۾229 رنسن جي اننگز کيڏي عالمي رڪارڊ تي قبضو ڄمايو هو. آميليا 145 بالن ي 2 ڇڪن ۽ 31 چوڪن جي مدد سان 232 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ موٽي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نجم سيٺي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، احسان ماني نئون پي سي بي چيئرمين مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) نجم سيٺي نئين حڪومت ايندي ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے