20 اربع , جون 2018

نيوز: ڏوڪري ۾ عزيز جتوئي کي ٽڪيٽ جاري نه ڪرڻ خلاف مظاهرو،

Protest Aziz Jatoi against not contesting in Dokri ڏوڪري ۾ پ پ ڪارڪنن عزيز جتوئي کي ٽڪيٽ جاري نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته عزيز جتوئي جو چوڻ آهي ته هو پارٽي سان ڏکئي وقت به گڏ هو، قيادت فيصلي تي نظر ثاني ڪري.

 ڏوڪري ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عزيز جتوئي جي حمايتن   طارق احمد جتوئي، منظور  جتوئي، رجب جلباڻي، ڪريم بخش، ڪفايت الله، ميهر واهوچو، بلاول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته  اڳوڻو ايم پي اي عزيز احمد جتوئي پنهجي حڪومتي دور ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا بي روزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون.

 احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته عزيز جتوئي پارٽي جو وفادار ورڪر رهيو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پ پ قيادت هن ڀيري پي ايس 13 تي عزيز احمد جتوئي کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏئي وڏي ناانصافي ڪئي آهي

مظاهرو ڪندڙن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فيصلي تي نظرثاني ڪري عزيز احمد جتوئي کي ٽڪيٽ ڏني وڃي ٻي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو

هوڏانهن ڏوڪري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  عزيز جتوئي جو چوڻ هو ته پارٽي قيادت ٽڪيٽ نه ڏئي ناانصافي ڪئي آهي، هن ڏکئي وقت ۾ پيپلز پارٽي سان ساٿ نڀايو

عزيز جتوئي جو چوڻ هو ته  هن جي حمايت ۾ نڪتل ريلي بابت کيس ڪابه ڄاڻ ناهي عوام کي پورو حق آهي ته هو ڪنهن جي حمايت يا مخالفت ڪري.

  عزيز جتوئي جو چوڻ هو پ پ قيادت جيڪو اڳ فيصلو ڪندي رهي آهي ته ايم پي اي جي سيٽ سندس کي ۽ ايم اين اي ٻگهين کي هاڻي به ان تي عمل ڪيو وڃي ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Adam: The country can not progress till the poor to meet the poor: Sindh announces

نيوز: ٽنڊو آدم: غريبن کي انصاف ملڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: سلطان آرائين

*پي ايس 44 ٽنڊوآدم جي تڪ تي بيٺل اميدوار سلطان خاصخيلي چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے