21 اڱارو , آگسٽ 2018

نيوز: سرحد: موٽروي پوليس جي ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي، مسافرن کي پئسا ڏياريا

Sarhad: Returned passengers' money to workers against the return of transport police* سرحد ۾ موٽروي پوليس وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ  ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪري مسافرن کي پئسا واپس ڪرائي ڇڏيا.

بيٽ 25 ڏھرڪي جي موٽر وي پوليس جي ڊي ايس پي راڻا محمد اسماعيل،  عبدالزاق چنا ۽ انسپيڪٽر علي اڪبر نائچ جي نگراني ۾ واڌو ڪرايو وٺندڙ ۽ وڌيڪ مسافر کڻندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي موٽري پوليس اهلڪارن چيو ته  آءِ  جي سنڌ امجد سليمي، ڊي آءِ جي موٽر وي سکر شاھد حيات ۽ ايس ايس پي سکر غلام سرور ڀيو جي حڪم تحت بيٽ 25 ڏھرڪي ۾ اضافي ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪاروائي  ڪئي وئي.

هنن چيو ته ڪارروائي دوران اضافي ڪرايو ۽ گنجائش کان وڌيڪ مسافر کڻندڙ ٽرانسپورٽرن مٿان ڏنڊ ھنيو ويو.

سندن چوڻ هو ته وڌيڪ ورتل ڪرايو مسافرن کي  واپس ڏيارو ويو آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Dirt all over city, Citizen in extreme anger

نيوز: خيرپور: انتظاميھ جي نااهلي سبب گٽر اٿلي پيا، شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور

* اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڀائيٽي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے