21 اڱارو , آگسٽ 2018

رپورٽ: انقلابي اڳواڻ چي گويرا جي اڄ  90 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

Revolutionary leader Che Guevara today's 90 wishes being celebratedدنيا ۾ظلم، جبر ۽ اڻبرابري جي پاڙ پٽڻ لاءِ  جدوجهد ڪندڙن ۾ڪيوبا جي مارڪسوادي انقلابي اڳواڻ ۽ گوريلي چي گويرا جو نالو سرفهرست آهي.

انقلابي نظريو ڏيندڙ چي گويرا 14 جون 1928ع ۾ ارجنٽائن جي هڪ وچولي گهـراڻـي ۾پـيـدا ٿـيـو ۽ هو 1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌر جي انقلابين جو هيرو بڻيو.

چي گويرا بيـونـس آئــر يونيورسٽيءَ مان 1953ع ۾ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي، چي گويرا آمريڪا ۾سـمـاجي اڻ بـرابريءَ کـي خـتـم ڪـرڻ لاءِ انقلاب ۽ تبديلي کي اڪيلو رستو سمجهندو هو.

1954ع ۾چي گويرا ميڪسيڪو ويو ۽ ڪيوبا جي جلا وطن انقلابين سان وڃي مليو، جنهن جي قيادت آمريڪا جو ڪٽر دشمن فيڊل ڪاسترو ڪري رهيو هو.

1950ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾ هن ڪيوبا جي ڊڪٽيٽر خلاف فيڊل ڪاسترو سان گڏجي جدوجهد ڪئي جيڪو آمريڪا جي اثر رسوخ جو سخت مخالف هو.

ڪاسترو حڪومت جي ساڄي ڌر وارن ڏانهن لاڙي ۾اهم ڪردار ادا ڪيو بعد ۾ وقت ۽ حالاتن کي ڏسندي 1965ع ۾ ڪيوبا مان گم ٿي ويو ۽ ٻئي سال بوليويا ۾ سرڪش اڳواڻ جي حيثيت ۾ ٻيهر سامهون آيو.

بوليويا جي فوج چي گويرا کي گرفتار ڪري 9 آڪٽوبر 1967ع تي گوليءَ هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

انقلابي اڳواڻ چي گويرا جي 90 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقريبون ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Dirt all over city, Citizen in extreme anger

نيوز: خيرپور: انتظاميھ جي نااهلي سبب گٽر اٿلي پيا، شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور

* اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڀائيٽي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے