24 آچر , جون 2018

ڊالر مهانگو، پاڪستاني رپيو ڀارت جي 50 پئسن برابر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)چونڊن کان اڳ پاڪستان شديد معاشي بحران طرف وڌندو نظر اچي رهيو آهي . پاڪستان ڪرنسي  جي قدر ۾ گهٽتائي رڪجڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي . خميس ڏينهن هڪ امريڪي ڊالر  جي قيمت 118 پاڪستاني رپيو  ست پيسا آهي . جيڪڏهن ڊالت  جي ڪسوٽي تي ڀارت کان پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته  ڀارت جا 50 پيسا اڪستان جي هڪ رپئي  جي برابر آهي .  هڪ ڊالر جي قيمت 67 رپيا ڀارتي آهي . پاڪستا سينٽرل بينڪ  گذريل ستن مهينن  ۾ 3 ڀيرا  رپئي جي قدر  ۾ گهٽتائي  ڪري چڪو آهي . پر هاڻي تائين  ان جو اثر نٿو ڏسي سگهجي . عيد کان اڳ پاڪستان جي معاشي بدحالي  ماڻهن کي مايوس ڪرڻ  واري آهي . پاڪستان ۾ 25 جولاءِ  تي عام چونڊون  ٿيڻ واريون آهن ۽ ان کان پهريان  ڪمزور معاشي  حالت ڪنهن به ملڪ جي مستقبل  لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي . پاڪستان غير ملڪي ناڻي ۾  گهٽتائي   ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ مسلسل  گهاٽو پاڪستان لاءِ خطري جي گهنٽي  آهي ۽ هن ڀيري هڪ ڀيرو ٻيهر  عاليم مانيٽرنگ فنڊ وٽ وڃڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے