18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: شيخ ڀرڪيو: پڇڙي جي آبادگارن جو آبپاشي عملي ۽ ايس ايس پي خلاف احتجاج

Shaikh bhirkio: The protesters of questioning population and the SSP protest against* شيخ ڀرڪئي ۾ پڇڙي جي آبادگارن پاران آبپاشي عملي ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادگارن پرويز لغاري، نياز ٽالپر ۽ مسلم لغاري سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن پاڻي وڪرو ڪرڻ تي آبپاشي عملي ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن الزام هنيو ته آبپاشي عملدار ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ملي ڀڳت ڪري منڍ جي بااثر زميندارن کي پاڻي پيسن عيوض ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب سندن زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، ۽ فصل سڪڻ ڪري وڏي نقصان جو خدشو آهي.

سندن چوڻ هو ته پاڻي نه هئڻ ڪري هو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، پر منڍ جا آبادگار پوليس ۽ آبپاشي عملدارن سان گڏجي سندن حصي جو پاڻي چور ڪري رهيا آهن.

آبادگارن سنڌ جي نئين آءِ جي کان مطالبو ڪيو ته آبپاشي عملدارن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي تائين پاڻي پهچائي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے