20 اربع , جون 2018

وزيراعظم ووٽن سان بڻجندو آهي لوٽن سان نه : طلال چوڌري

جڙانوالا(ويب ڊيسڪ)  نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته  عوام الزام لڳائيندڙن ۽ پارٽيون تبديل ڪندڙن کي ووٽ نه ڏين.  ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته  مخالفن جون اميدون هاڻي پوريون نه پونديون . هن چيو ته هو پهريان به ڄمي مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته گذريل پنجن سالن جو حساب ڏيڻ جو قوت اچي ويو آهي .  مخالف ڪنهن ٻئي طريقي سان اسان کي هارائڻ چاهن ٿا .  هن چيو ته مذهبي جنونيت جو خاتمو ڪري ڇڏينداسين . هن چيو ته  جنهن ملڪ جو وزيراعظم  ۽ پرڏيهي وزير اجائي ڳالهه تي نااهل ڪيا ويا وڃن ۽ جنهن ملڪ جو پرڏيهي وزير زخمي ڪيو وڃي  ان ملڪ جي مستقبل تي سوال اٿن ٿا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور( ويب ڊيسڪ)عمران خان  جي دوست زلفي بخاري  چيو آهي ته هن جو نالو اي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے