19 آچر , آگسٽ 2018

لاهور ۾ هڪ ئي گهر جا ٽي ڄڻا قتل

 

لاهور( ويب ڊيسڪ) گلبرگ واري علائقي ۾ هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين کي قتل ڪيو ويو آهي . جوابدارن زال ، مڙس ۽ سندس بار کي قتل ڪري ڇڏيو .  لاهور جي علائقي گلبرگ   جي هڪ گهر مان   هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ  نديم بٽ ، نيلم بٽ ۽ فائق طور ٿي آهي .پوليس جو چوڻ آهي ته  مقتول  نديم جي ڀيڻ ٻڌايو ته هو ٻن ڏينهن کان پنهنجي ڀاءٌ جي گهر  کي فون ڪري رهي  هئي  پر جواب وصول نه يٿ رهيو هو . هو جڏهن  گهر پهتي ته مٿين منزل تي ٽئي لاش پيل هئا .پوليس  عملدارن  جو چوڻ آهي ته لاشن ويجهو افطار جو سامان  رکيل هو .  جنهن  مان شڪ لڳي ٿو  قتل جي واردات  افطار کان پوءِ  ڪئي وئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين طويل عرصي لاءِ پرڏيهه وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے