20 اربع , جون 2018

عام چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

On the last day of submission of the nomination papers, more than one candidate form submittedاسلام آباد( ويب ڊيسڪ)  اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران پولنگ اسٽيسنن اندر  ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . چيف اليڪشن ڪمشنر  سردار محمد رضا جي صدارت هيٺ  عام چونڊن  جي حوالي اهم اجلاس ٿيو . جنهن ۾ چئني صوبائي سيڪريٽريز  سميت چار ئي آءِ جيز به  شريڪ ٿيا. اجلاس ۾  چيف سيڪريٽريز  ۽ آءِ جيز طرفنا اليڪشن ڪميشن  کي انتطامن  بابت بريفنگ  ڏني وئي، ۽ ان موقعي تي  اهم فيصلا  به ڪيا ويا . اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته  سمورين پولنگ اسٽيشنن  جي اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج  جا اهلڪار مقرر هوندا  ۽ 20  هزار   انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن  تي سي سي ٽي وي  ڪئمرا لڳايون وينديون جيڪي صوبائي حڪومت  لڳائيندي .  جڏهن ته حساس ۽ انتهائي  حساس  پولنگ اسٽيشنن تي واڌو سڪيورٽي قدم کنيا ويندا . ترجمان ٻڌايو ته بيلٽ پيپرز  جي ڇپائي ۽ فراهمي فوجي جي نگراني  ۾ ٿيندي . پاڪ فوج  سموريون پرنٽنگ پريسن کي 27 جون تائين فو پروف  سڪيورٽي فراهم ڪندي . سڪيورٽي اهلڪارن لاءِ اليڪشن ڪميشن هڪ ضابطا اخلاق  جوڙيندي ان تي پابندي ڪرڻي پوندي .  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب پرزائيڊنگ آفيسرن  جي ٽريننگ  دوران صوبائي حڪومتون سڪيورٽي ڏيندي ۽ سياسي اڳواڻن جي سڪيورٽي به صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي  . ترجمان وڌيڪ چيو ته  اليڪشن ڪميشن جيڪو ضابط اخلاق جوڙيندي ان حوالي سان  چيف سيڪريٽري  ۽ آءِ جي  کي گهرايو ويندو ۽ ان تي عملدرآمد  به صوبن جي ذميواري آهي . ياد رهي ته عام چونڊون  25 جولائي تي  ٿينديون  جنهن لاءِ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ اسڪروٽني جو عمل جاري آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

شخصيتن جي ذاتي معاملن تي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي: نفيسه شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته شخصيتن جي ذاتي معاملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے