21 اڱارو , آگسٽ 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ:گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

Kandhkot: Brawling between two communities of Gola, one man died*ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني تان جهيڙو ٿي پيو گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي خلاف مقتول جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو .

پراڻي دشمني تان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان  سردار گولو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس اطلاع تي پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

واقعي خلاف مقتول جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي روڊ بلاڪ  ڪري ڌرڻو هنيو ويو .

ڌرڻي سبب سنڌ سميت ٽن صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن ڪري مسافرن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو .

پوليس ڌرڻي وار هنڌ پهچي متاثر ڌر سان ڳالهيون ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Dirt all over city, Citizen in extreme anger

نيوز: خيرپور: انتظاميھ جي نااهلي سبب گٽر اٿلي پيا، شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور

* اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڀائيٽي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے