18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيب ريفرنسز: نواز شريف جي نئين وڪيل وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو

Everything being above the law, how can Musharraf be given a guarantee: Nawaz Sharifاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف طرفان جهانگير جدون وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو آهي. احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. نواز شريف طرفان بئريسٽر جهانگير جدون وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو آهي. جهانگير جدون عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف خواجه حارث سان رابطي ۾ آهي ۽ کيس راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف مريم نواز جو وڪيل امجد پرويز پيش نه ٿي سگهيو ۽ سندس مددگار وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته امجد پرويز جي طبيعت خراب آهي تنهن ڪري هو پيش نه ٿو ٿي سگهي جنهن تي نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر ۽ مريم نواز جي مددگار وڪيل  ۾ منهن ماري ٿي پئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر چيو ته هي ماڻهو پاڻ دير جي طريقا استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ ٻاهر وڃي گوڙ ڪن ٿا ته ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي، هنن پاڻ ئي اڄ دليلن جي تاريخ رکي ۽ هاڻي منهنجي مرضي جو وقت رکي رهيا آهن ته طبيعت خراب آهي، هي ڪوڙ ڳالهائن ٿا ته طبيعت خراب ٿي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سندن وڪيلن ڪيس نه هلائڻو آهي ته جوابدارن کي گهرايو وڃي ته پنهنجو ڪيس وڙهن. مريم نواز جي مددگار وڪيل چيو ته هي ڪهڙي قسم جا لفظ استعمال ڪيا پيا وڃن، اسان جي اخلاقيات جو پرچو به هوندو هو جيڪو نظر نه اچي رهيو آهي. جج محمد بشير ڪيپٽن صفدر کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو وڪيل پيش ڇو نه ٿي رهيو آهي، ڪيپٽن صفدر جواب ڏنو ته گذريل افطاري جي ڏينهن سندن طبيعت خراب ٿي وئي هئي، عدالت امجد پرويز کي آخري دليلن لاءِ 19 جون تي آخري موقعو ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے