21 اڱارو , آگسٽ 2018

اين اي 53 تي عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي اين اي 53 تن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. اين اي 53 تي جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي طرفان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. رٽرننگ آفيسر اعتراض ڪندرن ۽ عمران خان کي 18 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي پاران طرفان لڳايا ويا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ٽيرين وائيٽ کي پنهنجي نياڻي قبول نه ڪيو آهي تنهن ڪري هو آئين جي شق 62 ۽ 63 تي پورو نه ٿو لهي، عمران خان صادق ۽ امين نه آهي تنهن ڪري سندس نامزدگي ڪاغذن کي رد ڪيو وڃي. اعتراض ڪندڙ طرفان درخواست ڪئي وئي آهي ته عمران خان سيتا وائيٽ مان پنهنجي ڌيءَ کي قبول ڪري يا نه ڪري ٻنهي صورتن ۾ صادق ۽ امين نه آهي، جڏهن ته رٽرننگ آفيسر عمران خان خلاف اعتراض رد ڪيا ته سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے