18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

بلوچستان ۾ اڄ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته چنڊ جي عمر 19 ڪلاڪ هئڻ جي بنياد تي اڄ عيد جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان نهايت گهٽ آهن، بلوچستان جي سامونڊي علائقن پسني ۽ گوادر ۾ چنڊ نظر جو امڪان آهي. موسميات کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته شوال المعظم جو نظر اچڻ جا امڪان نهايت گهٽ آهن ڇو ته چنڊ جي عمر 19 ڪلاڪ نه هوندي جنهن جي بنياد تي چنڊ نظر نه ايندو پر بلوچستان جي سامونڊي علائقن پسني ۽ گوادر ۾ چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف موسميات کاتي سانوڻي جي برساتن جي خوشخبري ڏيندي چيو ته آهي ته ڇنچر کان سموري ملڪ ۾ پري مون سون برسات جي شروعات ٿي ويندي، سانوڻي جون هوائون پنجاب ۾  سڀاڻي داخل ٿينديون. ڇنڇر کان سومر تائين اسلام آباد، مٿين پنجاب، راولپنڊي، گوجرانوالا، سرگوڌا، لاهور، فيصل آباد، فاٽا، ڪي پي، گلگت بلتستان، ڪشمير جي پهاڙي علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي جڏهن ته ساهيوال ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي طوفان سان برسات جو امڪان آهي، سڀاني ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مار ڪٽ ڪري ترقيون ڏيندڙ پوليس آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين: چيف جسٽس

لاهور(ويب ڊيسڪ) پوليس آفيسرن طرفان پنهنجي آفيس ۾ عدالت لڳائي واپار جي ورڇ جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے