19 آچر , آگسٽ 2018

پوليس ذاتي ڌڙا بندي سبب مون تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو: رائو انوار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملوث اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار الزام هنيو آهي ته پوليس ذاتي ڌڙا بندي سبب مون تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو. ڪراچيءَ ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رائو انوار چيو ته پوليس ذاتي گروپنگ ۽ اختلافن سبب مون تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو، منهنجي خلاف نقيب الله قتل ڪيس ۾ شاهديون نه آهن. هن چيو ته پيشور اختلافن سبب منهنجي خلاف ڪارروائي ڪرائي وئي. سندس چوڻ هو ته منهنجي خلاف ڪابه شاهدي ناهي، جي آءِ ٽي ۾ منهنجو فون نمبر به غلط وڌو ويو آهي، اهڙو فون نمبر شامل ڪيو ويو جيڪو منهنجي استعمال ۾ ئي ناهي. رائو انوار چيو ته 21 مارچ تي مان سپريم ڪورٽ ۾ هيس، جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ جيڪو نمبر وڌو ويو ان جي لوڪيشن ڪراچي هئي، مون تي2 آپگهاتي حملا ٿي چڪا آهن، منهنجي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ اجائي عنايت ناهي ڇو ته مون تي آپگهاتي حملا ٿي چڪا آهن. رائو انوار چيو ته هڪ شخص منهنجي سر جي قيمت 50 لک رپيه مقرر ڪئي آهي جنهن کي بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو، منهنجي سر جي قيمت رکندڙ کي چيف جسٽس گرفتار ڪرايو، مون کي هر تنظيم جي دهشتگرد ڌمڪي ڏني آهي. هن چيو ته مون کي را ۽ ٻين پابندي مڙهيل تنظيمن مان به خطرو آهي، مون کي ٿريٽ ليٽر وفاق، صوبائي حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان به وصول ٿيو آهي، مون کي غلط ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، نه مان نقيب الله محسود کي پڪڙايو ۽ نه وري ماريو، رڪارڊ موجود آهي، ان ڪيس مان بري ٿي ويندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عثمان بوزدار جي چونڊ پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير عثمان بوزدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے