24 آچر , جون 2018

زلفي بخاري تان عارضي سفري پابندي هٽائڻ جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زلفي بخاري تان عارضي سفري پابندي هٽائڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي ويجهي دوست زلفي بخاريءَ جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج عامر فاروق زلفي بخاري تي سفري پابندي هٽائڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. زلفي بخاري جي وڪيل بشير مهمند عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل کي 11 جون تي عمري جي روانگي دوران غير قانوني طور روڪيو ويو بعد ۾ گهرو وزارت 6 ڏينهن جي ڇوٽ ڏئي کيس عمر تي روانگي جي اجازت ڏني. هن چيو ته زلفي بخاري تي سفري پابنديون انساني حقن سان ٽڪراءَ ۾ آهن تنهن ڪري سندس نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍيو وڃي. سڪندر بشر عدالت کي درخواست ڪئي ته عدالت طرفان فيصلي تائين سندس اصيل تي لاڳو سفري پابندين تي منع نامو جاري ڪيو وڃي. عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 21 جون تي جواب طلب ڪري ورتو ۽ گهرو وزارت جي اي سي ايل بابت سيڪشن آفيسر کي به ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت منع نامي جي درخواست رد ڪندي رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي منع نامي جي ڪهڙي ضرورت  آهي، منع نامو ٻن ڏينهن ۾ پهچندو توهان  اڌ ڪلاڪ ۾ ڪم ڪرائي وٺندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے