19 آچر , آگسٽ 2018

عام چونڊون ۽ سنڌ ايجنڊا

پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ به عام چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ، يعني اميدوارن طرفان نامزدگي جا ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوءِ انهن جي ڇنڊ ڇاڻ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ڇنڊ ڇاڻ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اميدوار فارم رد يا قبول ٿيڻ خلاف اپيلون داخل ڪري سگهندا، ايئن اميدوارن جي ضمني فهرست جاري ٿيندي، مطلب ته اليڪشن جي ڏس ۾ سڀ مرحلا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 25 جولاءِ 2018ع تي عام چونڊون ٿينديون. قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي تڪن تي هڪ ئي ڏينهن چونڊ ٿيندي. سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جي 61 عام سيٽن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 130 عام سيٽن تي چونڊ ٿيندي. جن جي مناسبت سان عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جي به ورڇ ٿيندي.

سياسي جماعتون ۽ انهن جي پليٽ فارم تان اميدوار يا آزاد اميدوار عوام جي خدمت سان چونڊ وڙهندا آهن. اهو سلسلو اسان وٽ به ننڍي کنڊ جي ورهاست کان پوءِ لاڳيتو جاري آهي. 70 ع جون عام چونڊون 85 ع جون غيرجماعتي چونڊون، 1988ع،  1993ع، 1997ع، 2002 ، 2008 ۽ 2013ع وارين عام چونڊن ۾ عوام اميدوارن کي ووٽ ڏيندو آيو آهي ۽ وسيع تجربو به رکي ٿو ته ڪهڙي اميدوار جو ڪهڙو مزاج آهي. هڪڙيون چونڊون آمريتن جي دور ۾ ٿينديون رهيون آهن ته ٻيون نج جمهوري دورن ۾ نيم جمهوري ان ڪري جو هتي خودمختيار ۽ مڪمل جمهوريت اڃا خواب بڻيل آهي. 2008ع کان وٺي مئي 2018 تائين ڏهن سالن وارو جيڪو جمهوري دور رهيو آهي تنهن کي به مضبوط جمهوريت وارو دور چئي نه ٿو سگهجي. ڪنٽرول جمهوريت مان نڪري مضبوط ۽ مستحڪم جمهوريت ڏانهن وڌڻ ۾ پاڪستان کي اڃا گهڻو وقت لڳندو.

سو جيئن سڄي پاڪستان ۾ سمورن تڪن تي، سياست تي هڪ نه ته ٻئي خاندان جي موروثيت جو راڄ پئي رهيو آهي تيئن سنڌ ۾ به ڏاڏي کان پوءِ پٽ ۽ هاڻي پوٽو اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچڻ جو رواج آهي، نوي سيڪرو تڪن تي صورتحال اهڙي ئي آهي، باقي 10 سيڪڙو اهڙا اميدوار هوندا جيڪي هيٺئين وچولي يا وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هوندا ۽ زور ۽ دٻدٻي بدران پارٽيءَ جي ڏڍ تي کٽي اسيمبليءَ ۾ پهچن ٿا.

سنڌ جو ماڻهو ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين اڄ به بنيادي ضرورتن جي معاملي ۾ منجهيل آهي، اڄ به اڪثر هنڌن تي ايئن روڊ ٽٽل ۽ زبون حال آهن، جيئن روايتن رهندا پيا آهن، اڪثر صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ، هزارين اسڪل اڄ به بند يا ڇت کان، پيئڻ جي پاڻي، واش روم کان، ڪيئي علائقا محروم آهن. سو اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ جو عوام بنيادي ضرورتن جي پورائي ۾ پريشان آهي.

جيئن پنج ئي آڱريون برابر ناهن تيئن سڀ اميدوار به هڪ جهڙا ڪين هوندا، هر تڪ جا ماڻهو هر اميدوار کان چڱي طرح واقف آهن، سندن تڪ جون اهم سياسي شخصيتون ۽ خاندان جيڪي هر اليڪشن ۾ پاڻ آزمائيندا آهن، ماڻهن کان ووٽ گهرندا آهن ۽ انهن سان ڪي واعدا به ڪندا آهن، چونڊجي اچڻ کان پوءِ اهي ايئن تڪ جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهندا آهن به يا نه جيئن اليڪشن دوران رهندا آهن، يا چونڊ جي اچڻ کان پوءِ ڪيل واعدا ڪيتري حد تائين پورا ڪيا اٿن! تن بابت لازمي طرح هر تڪ جو اميدوار انهن کان به واقف هوندو جيڪي چونڊجي اسيمبلين ۾ پهتا هوندا ۽ انهن کان به واقف هوندو، جن چونڊجي نه سگهڻ باوجود عوام سان ڪهڙو سلوڪ رکيو هوندو، نه رڳو ايترو پر عوام دوست رهيو ۽ ڪنهن صوبيدار ذريعي ماڻهن کي داٻي ۾ رکڻ کي ئي عوام جي خدمت سمجهي به اهي سڀ ڳالهيون هن ڀيري تڪ جي ماڻهن کي نظر ۾ رکڻ گهرجن.

هي اونداهيءَ وارو نه پر سجاڳيءَ وارو دور آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان پوءِ سوشل ميڊيا جي متحرڪ ڪردار چڱن ڀلن کان پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، اڳ ۾ جن ادارن ۽ شخصيتن خلاف ٻڙڪ ڪڍڻ به مشڪل ٿيندو هو، اڄ سوشل ميڊيا تي انهن تي مڪمل جر پئي ٿئي ۽ اهو دور به ناهي جو سنڌ کي سنڌ جي ماڻهن کي وڏيري، تپيدار ۽ صوبيدار جي شڪنجي ۾ جڪڙي سگهجي.

اڄ جي سنڌ ترقيءَ ۾ ميرٽ ۾ ۽ عوام جي خدمت ۾ ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب جي ڀيٽ ۾ جيڪا گهڻو پٺتي پيل آهي تنهن جو هڪ سبب چونڊيل نمائندا به آهن، سو سنڌ جا ماڻهو هن ڀيري گهٽ ۾ گهٽ هڪ ايجنڊا جوڙين جنهن تحت ئي اميدوارن کي ووٽ ڏين. اها ايجنڊا هيءَ هئڻ گهرجي ته اهڙي اميدوار کي ووٽ ڏنو وڃي جيڪو باڪردار هجي، طاقت جو سرچشمو صوبيدار نه پر عوام کي سمجهي، اهڙو اميدوار جيڪو پنهنجي حصي جا وسيلا ۽ فنڊ پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود، مثال طور بيروزگارن کي روزگار ڏئي، بند اسڪول کولڻ ۽ تڪ ۾ سئو سيڪڙو خواندگي جي شرح يقيني بڻائڻ، اسپتالون اجاڙي راند جا ميدان آباد ڪرڻ، تڪ جي هر ڳوٺ ۽ شهر کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي صوبيدار جو محتاج بڻائڻ بدران صوبيدار کي عوام جو محتاج بڻائڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي، هر تڪ ۾ اهڙي سطح اميدوار جي چونڊ سان سنڌ سنوارڻ جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو، جي نه ته ڳالهه اها ئي ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه واري ئي رهندي.

خميس 14 جون  2018ع، 29 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس گرديءَ جي ورچڙهيل سنڌ

ٽيون ڏينهن وارين اخبارن ۾ پنج کان ست خبرون اهڙيون آهن جن مان عوام ڏانهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے