21 اڱارو , آگسٽ 2018

والاريل ڪشمير ۾ امن لاءِ ڳالهيون ضروري آهن: ڀارتي آرمي چيف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ امن کي وڌيڪ هڪ موقعو ملڻ گهرجي ۽ ڳالهين تمام گهڻيون ضروري آهن. ڀارتي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي حمايت ڪريون ٿا، ڳالهيون ضروري آهن، ان سلسلي ۾ وڌيڪ هڪ ڀيرو ڪوشش ڪري ڏٺي وڃي. هن چيو ته اسان مداخلت تي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا پر هٿياربند جدوجهد ۾ مقامي ڪشميري نوجوانن جي شموليت جو سلسلو اڳتي وڌي سگهي ٿو،  جيترا ماڻهو ماريون ٿا ان کان وڌيڪ نوجوان هٿياربند جدوجهد ۾ شامل ٿي وڃن ٿا تنهن ڪري امن کي وڌيڪ موقعو ملڻ گهرجي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ان سلسلي کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ ضروري آهي. ڀارتي آرمي چيف چيو ته نوجوان کي جيپ اڳيان ٻڌي گهمائڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي،  واقعي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,

دشمن طاقتن طرفان پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حج جي سعادت حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے