21 اڱارو , آگسٽ 2018

بيلٽ پيپرز جي ڇپائي پاڪ فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

The ECP rejected the petition petition filed by the party اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن لاءِ فوج جي نگراني ۾ بيلٽ پيپرزن جي ڇپائي ۽ پهچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ عام چونڊن ۾ سڪيورٽي بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز، گهرو ۽ دفاع جي اختيارين جي کانسواءِ چئني صوبن ۽ اسلام آباد جي آءِ جي پيز شرڪت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي پاڪ فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي پهچائڻ جو ڪم به فوج جي نگراني ۾ ٿيندو. فوج سڪيورٽي پرنٽنگ پريس، پرنٽنگ ڪارپوريشن ۽ پوسٽل فائونڊيشن پرنٽنگ پريس تي مقرر هوندي. اجلاس دوران صوبائي اليڪشن ڪمشنرز  پولنگ اسٽيشنن بابت رپورٽ اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ڪري ڇڏي. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته پولنگ اسٽيشن جي سڪيورٽي تي پوليس ۽ رينجرز جا جٿا مقرر هوندا، حساس  ۽ حساس ترين پولنگ اسٽيشنن تي فوج ۽ رينجرز  مقرر هوندي، حساس ترين پولنگ اسٽيشنن تي 3 کان 4 سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا ويندا. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته سمورين پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج جا اهلڪار مقرر هوندا ۽ 20 هزار نهايت حساس اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳايا ويندا جيڪي صوبائي حڪومت لڳائيندي جڏهن ته حساس ۽ نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي اضافي سڪيورٽي اپاءَ ورتا ويندا. هن چيو ته  بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ پهچائڻ جو ڪم فوج جي نگراني ۾ ٿيندو، پاڪ فوج سمورين پرنٽنگ پريسن کي 27 جون کان 25 جولاءِ تائين فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪندي. هن چيو ته سڪيورٽي اهلڪارن لاءِ اليڪشن ڪميشن هڪ ضابطا اخلاق تيار ڪندي جنهن جا هو پابند هوندا، جڏهن ته سڪيورٽي بابت نيڪاٽ کي به آن بورڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته پرزائيڊنگ آفيسرن جي تربيت دوران صوبائي حڪومتون سڪيورٽي ڏينديون ۽ سياسي اڳواڻن جي سڪيورٽي به صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪو ضابطا اخلاق تيار ڪيو آهي تنهن بابت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي باور ڪرايو ويو آهي ته ان تي عملدرآمد به صوبن جي ذميواري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,

دشمن طاقتن طرفان پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حج جي سعادت حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے