21 اڱارو , آگسٽ 2018

آصف زرداري، شهباز شريف، فريال جا فارم چئلينج، فهميده مرزا، فضل الرحمان، بلور باقيدار

Approval and rejection of the nomination papers for candidates for general elections of 2018 continuesاسلام آباد / ڪراچي (رپورٽر+ م ڊ) عام چونڊ لاءِ نامزدگي فارم جمح ڪرائيندڙ اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جاري آهي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، ن ليگ سربراهه شهباز شريف جا فارم چئلينج ڪيا ويا آهن، عمران خان حمزه شهباز جي فارمن جي منظوري روڪي وئي آهي، جڏهن ته مريم نواز، اسد عمر ۽ ٻين جا فارم منظور ڪيا ويا آهن، اسٽيٽ بئنڪ مولانا فضل الرحمان، فهميدهه مرزا، غلام احمد بلور، پرويز خٽڪ، محمود الرشيد، ظفر الله جمالي، مراد سعيد، تهمينه دولتانه، حامد سعيد ڪاظمي سميت 272 ڄڻن کي باقيدار ، قرضي ۽ قرض معاف ڪرائيندڙ قرار ڏنو آهي، جنهن سان سندن اهليت خطري ۾ پئجي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب عام چونڊن لاءِ انتظام جاري آهن، چيف اليڪشن ڪمشنر ايندڙ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اجلاس (اڄ) خميس تي اليڪشن ڪميشن ۾ طلب ڪري ورتو آهي، صوبن ۾ نون مقرر ٿيل چيف سيڪريٽرين کي به دعوت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه پوليس سميت ٻين سيڪيورٽي ادارن جا عملدار به شرڪت ڪندا.اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 19 جون تائين لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسر جاري رکندا.سڄي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 21 هزار 482 اميدوارن سيڪيورٽي طور 49 ڪروڙ 2 لک 70 هزار رپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، قومي اسيمبلي جي جنرل ۽ مخصوص سيٽن تي 6 هزار 63 اميدوارن 18 ڪروڙ 18 لک رپيا جڏهن ته صوبائي اسيمبلين جي جنرل ۽ مخصوص سيٽن تي 15 هزار 400 اميدوارن 30 ڪروڙ 83 لک رپيا جع ڪرايا، قومي اسيمبلي جي اميدوارن لاءِ لازمي آهي ته اهي سيڪيورٽي طور في ڪس 30 هزار رپيا جڏهن ته صوبائي اسيمبلين جا اميدوار في ڪس 20 هزار رپيا جمع ڪرائيندا. اين اي 213 تي پ پ اميدوار اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري خلاف ٻن ووٽرن محمد سليم ڀنگوار ۽ غلام رضا ڌاريجو ڌار ڌار اعتراض داخل ڪيا ته تعلقه سنجهورو ضلعو سانگهڙ جي ديهه 1 جمڙائو ۽ ديهه 11 جمڙائو ۾ سندس خاندان جي 1500 ايڪڙ زمين آهي ۽ انهي جو آبيانو ۽ زرعي ٽيڪس وغيره نه ڏنو اٿس ۽ پنهنجي اثر رسوخ تي زبردستي نوڊيوز سرٽيفڪيٽ وٺي ويا آهن انهي ڪري جيڪڏهن هنن زرعي ٽيڪس وغيره جمع ڪرايو آهي ته انهي جون رسيدون چيڪ ڪيون وڃن ۽ اڪائونٽ چيڪ ڪيو وڃي ۽ اڄ چاج پڙتال جي موقعي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو مشهور وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ۽ ضياءُ الحسن لنجار پيش ٿيا ۽ رٽرننگ آفيسر محبوب احمد اعواڻ اعتراض واريون درخواستن جون ٻئي ڪاپيون انهن کي ڏيندي 18 جون تي تاريخ مقرر ڪئي وئي اين اي 214 تي پ پ اميدوار غلام مصطفيٰ شاهه جي جانچ پڙتال جي موقعي تي ايڊووڪيٽ غلام سرور ڏاهري  اعتراض داخل ڪيو ته هن کي اقامو آهي ڊگري جعلي اٿس فارين ۾ اڪائونٽ آهن اهي، لڪيل اٿس. هوڏانهن پي ايس 10 تي پ پ اميدوارن فريال ٽالپر جا فارم به چئلينج ڪيا ويا آهن، ن ليگ جي سربراهه شهباز شريف جي اهليت به چئلينج ڪئي وئي آهي. حمزه شهباز ۽ اين اي 131 تان عمران خان جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ روڪيندي کين ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي، مريم نواز جا اين اي 127 ۽ پي ايس 173 تان فارم منظور ڪيا ويا آهن، اين اي 125 تي ڇنڊڇاڻ 19 جون تائين ملتوي ڪندي حاضري کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. اين اي 54 تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪئي وئي. قومي اسمبلي جي تڪ 239 ڪراچي لاءِ پاڪ سرزمين پارٽي جي اميدوار رانا طارق جا فارم رد ڪيا ويا،  جڏهن ان ئي تڪ لاءِ ٻئي اميدوار اشفاق منگي جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي زاهد منصوري جا ٽن تڪن اين اي 240، پي ايس 106، ۽ پي ايس 92 تان نامزدگي فارم درست قرار ڏنا ويا آهن. قومي اسيمبليءَ جي تڪ 254 تان مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا. پيپلز پارٽي جي اميدوار سعيد غني ۽ شهزاد ميمڻ جا اين اي 244، جڏهن ته معظم قريشي جا اين اي 241 تان نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا. پاڪ سرزمين جي حسان صابر جا اين اي 242 ۽ تحريڪ لبيڪ جي اميدوار طاهر اقبال جا اين اي 241 تاني ڪاغذ منظور ڪيا ويا. گجرات جي تڪ اين اي 69 تان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا آهن. لوڌران جي تڪ اين اي 161 تان عائشه گلالئي ۽ تحريڪ انصاف جي شفيق آرائين، پي پي 244 لوڌران مان اڳوڻي ايم اين اي سيداقبال وڙائچ، لوڌران جي تڪ پي پي 225 تان اڳوڻي ايم پي اي جهانگير سلطان ڀٽا، روالپنڊي جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 61 تان تحريڪ انصاف جي اميدوار ڪرنل ريٽائرڊ شبير، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ملڪ تاج محمد جا اين اي 59 روالپنڊي تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. پشاور سميت پوري صوبي ۾ 42 اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. صوبائي اليڪشن ڪميشن موجب مسلم ليگ ن جي شاهين حبيب الله، قومي وطن پارٽي جي نعيمه شاهين، عوامي نيشنل پارٽي جي ياسمين پير محمد ۽ شگفته ملڪ جڏهن ته متحدا مجلس عمل جي شازيه خان ۽ آصفه نوشين جا نامزدگي فارم درست قرار ڏنا ويا آهن.پ پ جي قادر پيٽل جا نامزدگي فارم رد ڪندي ريٽرنگ آفيسر چيو ته قادر پيٽل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، جسٽس اينڊڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ جا اين اي 243 ، ايم ڪيو ايم جي اقبال محمد علي اين اي 240 ، پ پ جي فيصل شيخ پي ايس 123، مسلم ليگ نون جي طارق محمود جا پي ايس 105، مولانا تنوير الحق ٿانوني اين اي 253 تي فارم منظور ڪيا ويا.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عارف علوي جي نامزدگي فارم تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو 19 جون تي ٻڌايو ويندو. پي ايس 110 تي تحريڪ انصاف جي خرم شيرزمان، شازيا مري ۽ شرميلا فاروقي جا عورتن جي مخصوص سيٽن تان، متحده مجلس عمل جي يونس باراڻي جا اين اي 242 ، پي ايس 63 تان پ پ جي شر جيل ميمڻ، پاڪستاني سپرماڊل عباس جعفري، تحريڪ انصاف جي پلٽ فارم تي پي ايس 125، اين اي 238۽ اين اي 250 تي عوامي نيشنل پارٽي جي شاهي سيد، مسلم ليگ ق جي سهيل بيگ نوري جا اين اي 250 جا فارم منظور ڪيا ويا. بلوچستان جي تڪ اين اي 272 تي جي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل جا فارم به منظور ڪيا ويا آهن، هوڏانهن اسٽيٽ بئنڪ وڌيڪ 272 باقيدارن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي ڏني آهي، جنهن موجب ڊاڪٽر فهميده مرزا 27ڪروڙ 60 لک جي باقيدار آهي، هن شگر ملن جا 50 ڪروڙ 48 لکن جا قرض معاف ڪرايا، غلام درسگير 74 ملين، ڪنيز فاطمه 20 لک، نيلم ارشاد شيخ 46 ملين، نوازش علي هڪ ڪروڙ، مختيار احمد 30 ڪروڙن جو باقيدار آهي. امجد آفريدي 21 ڪروڙ 62 لک، الياس بلور 55 هزار ، مير بادشاهه 37 هزار، حامد سعيد ڪاظمي، مولانا فضل الرحمان به باقيدار آهن. پرويز خٽڪ 10 ڪروڙ 65 لک ، حاجي غلام احمد بلور 14 ڪروڙ 46 لک، پي ٽي آءِ جو ميان محمود الرشيد 28 هزار، ن ليگ جي تهمينه دولتانه 10 لک 57 هزار، مير ظفر الله جمالي پي ٽي سي ايل جو هڪ هزار 155 رپين، مراد سعيد 14 هزار رپين، فيصل ڪريم 21 هزار منظور وٽو، 6 هزار، ظفر علي شاهه 18 هزار، راڻا مشهود 4 هزار، پ پ جو عبدالقادر جيلاني، ن ليگ جو بلال ياسين، جماعت اسلامي جو حافظ سلمان بٽ، عظميٰ بخاري، فريد پراچه به باقيدار آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي انور مجيد سان ملاقات ڪرائڻ تان ايف آءِ اي جا 2 آفيسر بدلي

 ڪراچي(رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث انور مجيد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے