21 اڱارو , آگسٽ 2018

سياسي ميدان ۾ شيخ رشيد جو خاتمو ٿيڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

PML-N is with his leader Nawaz Sharif: Sanaullahلاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ طرفان شيخ رشيد احمد کي اهل قرار ڏيڻ تي راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته سياستدانن کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي ٻاهر ڪرڻ جي حق ۾ ناهيان، شيخ رشيد جو خاتمو سياسي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله شيخ رشيد جي نااهلي واري واري فيصلي تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هو سياستدانن کي ٽيڪنيڪي بنيادن تي ٻاهر ڪرڻ جي حق ۾ ناهي، ڇو ته سياستدانن کي نااهل ڪرڻ جا منفي اثر پوندا آهن. شيخ رشيد جو خاتمو سياسي ميدان ۾ ٿيڻ گهرجي، هو 25 جولائي تي سياسي موت جو شڪار ٿيندو. راڻا ثناءَ الله  شيخ رشيد مٿان تنقيد ڪندي چيو ته شيخ رشيد نواز شريف جي چاپلوسي ڪندو هو ۽ پارٽي ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي انور مجيد سان ملاقات ڪرائڻ تان ايف آءِ اي جا 2 آفيسر بدلي

 ڪراچي(رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث انور مجيد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے