20 اربع , جون 2018

فيصلو خلاف اچي ها ته به قبول ڪريان ها، آئون نوازشريف ناهيان: شيخ رشيد

اسلام آباد: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ طرفان پنهنجي نااهلي لاءِ داخل ن ليگي اڳواڻ شڪيل اعواڻ جي درخواست رد ٿيڻ بعد پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته جنهن فيصلي کي هنن سياسي بڻائڻ چاهيو اهو انهن جو سياسي موت بڻجي ويو آهي.  سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڄ پوري دنيا ۾ پاڪستانين ننڊ نه ڪئي پر سندس لاءِ  خدا جي بارگاهه ۾ ٻاجهه جا هٿ کنيا . مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته جنهن فيصلي کي انهن سياست بڻائڻ چاهيو اهو فيصلو هنن جو سياست موت بڻجي ويو آهي. جيڪي منهنجو سياسي موت ڏسڻ چاهن ٿا مان انهن جي سياسي زندگي ڏسڻ چاهيان ٿو. شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن فيصلو منهنجي خلاف به اچي ها ته ان کي قبول ڪريان ها، مان نواز شريف ناهيان. ان موقعي ته هن 22 تاريخ تي لياقت باغ ۾ قومي اسمبلي جي تڪ اين 60  جو جلسو ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد بينظير ڀٽو جي سڀاڻي 65 هين سالگرهه، رت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪئمپون لڳايون وينديون

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے