21 اڱارو , آگسٽ 2018

ننديپور پاور پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن، نئب چيئرمين جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

NAB Chairman ordered the investigation of corruption based on Nandipur Power Projectلاهور(م ڊ) نئب چيئرمين ننديپور پاور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. 7 جون تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ننديپور پاور پروجيڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي هئي جنهن ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار نئب کي منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏنو هو. نجي ٽي وي چينل موجب ننديپور پاور پروجڪيٽ گوجرانوالا کي آئوٽ سورس ڪرڻ ۾ مبينا ڪرپشن جي معاملي تي نئب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. نئب طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئب چيئرمين،  ڊائريڪٽر جنرل نئب لاهور کي ان حوالي سان جاچ جو حڪم ڏنو آهي.  ياد رهي ته ننديپور پاور پروجيڪٽ پنجاب ۾ گذريل حڪومتي دور ۾ تعمير ڪيو ويو هو جنهن ذريعي 525 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته مختلف سياسي جماعتن جي طرفان منصوبي ۾ ڪرپشن ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي انور مجيد سان ملاقات ڪرائڻ تان ايف آءِ اي جا 2 آفيسر بدلي

 ڪراچي(رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث انور مجيد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے