20 اربع , جون 2018

سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چچريل لاشن خلاف گڏيل قومن آڏو مظاهرو، ڌرڻو

نيويارڪ (پ ر) سنڌ مان جبري گمشدگين ۽ قومي ڪارڪنن جا چچريل لاش ملڻ خلاف جسقم پاران يونائيٽيڊ نيشن مرڪزي آفيس نيويارڪ اڳيان احتجاجي مظاهرو ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو ۽ عالمي اداري جي نمائندي کي يادداشت نامو پيش ڪيو ويو. جسقم نيويارڪ پاران حبيب ڀٽو، عطا وسطڙو ۽ ڊاڪٽر سارنگ انصاري جي اڳواڻي ۾ يونائيٽيڊ نيشن جي مرڪزي آفيس نيويارڪ اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد عالمي اداري جي آفيس اڳيان ٻه ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. جڏهن ته يونائيٽيڊ نيشن جي نمائندي کي لکت ۾ يادداشت نامو پيش ڪيو ويو. جن ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ رياستي ادارن طرفان حق جو آواز اٿاريندڙ قومي ڪارڪنن، دانشورن، اديبن ۽ ليکڪن کي جبري طور گم ڪري چچريل لاش ملڻ وارو سلسلو جاري آهي، فوري طور مداخلت ڪري جبري طور گم ڪيلن کي آزاد ڪرايو وڃي. ان موقعي تي حبيب ڀٽو، عطا وسطڙو ۽ ڊاڪٽر سارنگ انصاري خطاب ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ رياستي ڏاڍ ذريعي سنڌي ماڻهن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ حق جو آواز اٿاريندڙ قومي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ سڄاڻ ماڻهن کي بنا ڪنهن ڪيس ۽ جرم جي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي سالن جا سال ٽارچر سيل ۾ اذيتون ڏيڻ بعد چچريل لاش ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، سنڌ ۾ ڪارو قانون هلي رهيو آهي، حق جو آواز اٿاريندڙ کي جبري طور گم ڪري تحفي ۾ وارثن کي لاش  ڏيئي سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته عالمي ادارن کان فوري طور جبري طور گم ٿيلن ۽ چچريل لاش ملڻ واري سلسلي جي جاچ ڪرائي گم ڪيل نوجوانن کي بازياب ڪرائي ۽ سنڌين خلاف هلندڙ رياستي ڏاڍ ختم ڪرائي سنڌين کي حق ڏياريا وڃن.

گلشن اقبال (رپورٽر) شاهنواز شر ڳوٺ مان ڇهه مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل صحافي ديدار امرت جو اڃان آزاد ٿي نه سگهيو آهي جڏهن سندس سان گڏ کنڀيل حاڪم چنا،ڪليم تنيو ۽ خليق هڪڙو آزاد ٿي گهر پهچي ويا آهن، مسلسل گمشدگي سبب ديدار امرت جي وارث مسلسل احتجاج ۽ انصاف لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن پر کين انصاف نه ملي سگهيو آهي، صحافي ديدار جي پيرسن امڙ مسمات بختاور ٻڌايو ته آئون پٽ جي جدائي ۾ بيمار ٿي پئي آهيان چاهيان ٿي ته هي عيد پنهنجي گم ڪيل پٽ سان ڪيان ادارا بي گناهه گرفتار ڪيل پٽ کي آزاد ڪري  انصاف ڏين ديدار امرت جي گهرواري روبينا ديدار روئيندي چيو ته منهنجون معصوم ڌيئرون روانو پنهجي پيءُ کي ياد ڪري روئن ٿيون اسين سڀ سخت پريشان آهيون وس وارن کي اپيل آهي ته اسان تي رحم ڪري ديدار کي آزاد ڪن .

۾سرهائي پکڙجي وئي آهي.ڪليم تنيو کي 16 ڊسمبر 2017 ع تي رات جي وقت سچل ٿاڻي جي حد شر ڳوٺ مان سندن گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو هو.کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ڇهن مهينن بعد اڄ صبح اڻڄاتل ماڻهو صفوران چورنگي تي ڇڏي ويا.نوجوان جي آزادي تي سندس گهر ڀاتين ۾سرهائي پکڙيل آهي.عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪليم تنيو چيو ته اڄ خميس ڏهاڙي ملير پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندو.هن چيو ته سندس ڪنهن به قوم پرست پارٽي سان تعلق ناهي، هو پرامن شهري طور زندگي گذاريندو.مختلف سياسي سماجي اڳواڻن اسد اقبال بٽ ۽ ٻين سندس گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ آزادي تي واڌايون ڏنيون. هوڏانهن ايڇ آر سي پي اڳواڻ اسد اقبال بٽ ۽ وي اين پي اڳواڻ سسئي لوهار موجب، نوابشاهه مان نادر ڀنگوار ۽ قاضي محميد به بازياب ٿي گهر پهتا آهن، جن کي ڪجهه وقت اڳ کنڀيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد بينظير ڀٽو جي سڀاڻي 65 هين سالگرهه، رت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪئمپون لڳايون وينديون

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے