21 اڱارو , آگسٽ 2018

چونڊون شفاف ڪرائينداسين ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ واڌ کي ڪنٽرول ڪيو ويندو: جميل يوسف

ڪراچي (رپورٽر ) نگران وزير اطلاعات سنڌ جميل يوسف چيو آهي ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي خدشن بعد سوشل ميڊيا تي هلندڙ 17 نگران وزيرن کي پاسيرو ڪيو ويو. شفاف اليڪشن ڪرائينداسين. اليڪشن ڪميشن جا قانون به سڀني لاءِ هڪ جهڙا هجڻ گھرجن. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي نگران وزير اطلاعات يوسف جميل چيو آهي ته خيال اهو  ته صاف شفاف چونڊون ٿين ان لاءِ قانون جي حڪمراني تي عمل ڪرڻ لازمي آھي، آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ جيان هاڻي ٻين آفيسرن جي تبديلين جي شروعات به ٿيندي. ميڊيا سياسي طور مقرر ٿيلن کي وائکو ڪري جيئن اليڪشن کان اڳ کين بدلي ڪري سگھون. هن چيو ته منهنجو به ڪنهن سان سياسي تعلق ناهي منهنجو مقصد رڳو شفاف چونڊون ڪرائڻ ئي آهي. جنهن ۾ ڪاميابي به ملندي. هن چيو ته سي پي ايل سي ۾ هوندي 600 ڌاڙيل پڪڙيا هئا. صبر نه ڪندو آهيان. اطلاعات کاتي ۾ به بهتري آڻي ويندس. قانون ۽ تعليم جي مهارت آھي. پر اطلاعات کاتو ڪيئن ڏنو ويو اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي. هن چيو ته ڪوشش اها به آھي ته پوليس جو نظام بهتر ٿئي. مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندس. هن چيو ته سي پي ايل سي ۾ بِنا مينڊيٽ جي ڪم ڪيو.،.خانگي ادارا ته بهتر ڪم ڪن پيا پر سرڪاري ادارن کي به سندن مقابلو ڪرڻ گھرجي. ميڊيا جو ڪو ادارو ملازمن کي پگهارون نٿو ڏي ته ان کي بليڪ لسٽ ٿيڻ گهرجي ۽ اهي معاملا عدالت وڃڻ گهرجن. عيد موقعي تي بسن جي ڀاڙن واڌ کي روڪڻ لاءِ ڪجھ بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڌيڪ ڀاڙن کي ڪنٽرول ڪري رهيا آھيون. نگران حڪومت مستقل هجڻ يا نه هجڻ وارو سوال وقت کان اڳ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻن مهينن تائين اطلاعات کاتي ۾ ڪرپشن نه ٿيڻ جي پڪ ڏيان ٿو. ڪٿي ڪا غلطي ٿئي ته ميڊيا وارا نشاندهي سان گڏ مسئلي جو حل به ٻڌائين. ڪرپشن ۾ واڌ ٿيڻ جي ذميوار ميڊيا به آهي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري جنرل مقصود يوسفي چيو ته گورننگ باڊي ميمبر شمس ڪيريو، نعمت خان، عارف هاشمي پاران اجرڪ ۽ شيلڊ جو تحفو ڏنو ويو. هوڏانهن ڪالهه سي پي اين اي جي 15 ميمبرن جي وفد سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي نگران اطلاعات واري وزير جميل يوسف سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، صوبائي ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪون پڻ پيش ڪيون. سي پي اين اي جي وفد 6 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي تفيصلي ڳالھه ٻولهه ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا ۽ اطلاعات کاتي جي وچ ۾ موثر رابطن ۽ سهڪار تي ڳالھه ٻولھه ڪئي وئي وفد پنهنجي تنظيم جي روزاني جي معاملن ۽ اخباري ايڊيٽرن جي فلاح ۽ ڀلائي جي حوالي سان آگاھ ڪيو. نگران اطلاعات واري وزير جميل يوسف وفد کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو ته انهن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، وفد نگران وزير اطلاعات کي مينڊيٽ دي ايڊيٽرز پروگرام ۾ دعوت ڏني نگران وزير اطلاعات دعوت قبول ڪندي چيو ته سندس دروازا ميڊيا جي لاءِ هر وقت کليل رهندا ۽ اسان سڀئي گڏجي سمورا رهيل معاملا حل ڪنداسين. جيڪڏهن قانون سازي جي ضرورت پئي ته اها به ڪنداسين. هن پهرين ئي سموري طريقيڪار کي جديد انداز تي منتقل ڪرڻ ۽ آٽوميشن ڏانهن وٺي وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ان کان علاوه هو سي پي اين اي سان سمورين ڊويزنل سطح تي به ملاقات ڪندو. وفد ۾ اڪرام سهگل، اعجاز الحق، حامد عابدي، عامر محمود احمد، اقبال بلوچ، عدنان ملڪ، مقصود يوسفي، غلام نبي چانڊيو، عبدالخالق، رحمان  منڱريو، ايم طاهر، زاهده عباسي ۽ مس مونيزه شامل هئي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي انور مجيد سان ملاقات ڪرائڻ تان ايف آءِ اي جا 2 آفيسر بدلي

 ڪراچي(رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث انور مجيد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے