22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 84 رنسن تان ڪامياب، اسڪاٽ لينڊ وائيٽ واش

ايڊنبرگ (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم اسڪاٽ لينڊ کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 84 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ايڊنبرگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان تجربي ڪار بيٽسمين شعيب ملڪ 22 بالن تي 5 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 49 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ اوپنر فخر زمان 33، احمد شهزاد 24، حسين طلعت 17، ڪپتان سرفراز احمد 14 ۽ شاداب خان 17 رنسون ٺاهيون. اسڪاٽ لينڊ طرفان ليسڪ 3، سول 2، جڏهن ته واٽ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ميزبان بيٽسمين پاڪستان جي بهترين بالنگ اٽيڪ اڳيان بي وس نظر آيا ۽ سڄي ٽيم 82 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان طرفان فهيم اشرف 3، عثمان شنواري 2، جڏهن ته محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ –  هڪ وڪيٽ ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے