24 آچر , جون 2018

نيوز: نصيرآباد: عوامي ورڪرز پارٽي پاران هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

Nasirabad public workers manually by the party to protest against water shortage نصيرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي پاران هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو منصور حلاج، صفي الله ۽ جبار ساگر سميت ٻين عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪارڪنن هٿرادو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هڪ پاسي انساني آباديءَ کي پاڻي کان محروم رکيو ويو آھي ته ٻئي پاسي زرعي زمينون پاڻي کوٽ سبب بنجر ٿينديون پيون وڃن.

هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب هارين ۽ آبادگارن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي، ۽ ٻي پاسي پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ سبب انساني آبادي پريشان بڻيل آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪن، نه ته احتجاجي دائرو وڌايو ويندو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Independent candidates Khair Mohammad and Mir Muhammad Kokhar started an election campaign

نيوز: چمبڙ: آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر پاران چونڊ مهم شروع

چمبڙ ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن جي آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے