21 اڱارو , آگسٽ 2018

نيوز: جلد سيد مراد علي شاهه نااهل ٿيندو: جلال محمود شاهه

Syed Murad Ali Shah will soon be: Jalal Mahmood Shahايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته عوام جلد سيد مراد علي شاهه جي نااهلي جي خوشخبري ٻڌندو، ڪرپٽ نمائندا عوامي پڇاڻي کان بچي نه سگهندا.

ڀان سيد آباد ۾ روشن ٻرڙي پاران ڏنل افطار پارٽي کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته  سيد مراد علي شاهه وڏ وزارت دوران عوام کي صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيو، ترقياتي ڪمن جا ڪروڙين رپيا وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پيٽ ۾ هليا ويا.

هن چيو ته سنڌ جي عوام کان پيئڻ جي پاڻي جو حق به کسيل آهي، سڄي سنڌ تباهي ڪناري پهچائي وئي آهي، هاڻي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته هو اقتدار ۾ آيا ته سنڌ کي خوشحال ۽ پرامن بڻائي ۽ ڪرپٽ نظام جو خاتمو ڪري بهتري آڻيندا.

سيد جلال محمود شاهه چيو ته جن نمائندن عوام کي پيئڻ جو پاڻي، صحت ۽تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون نه ڏنيون عوام کانئن گهٽ ۾ گهٽ نمائندگي جو حق کسي.

افطار پارٽي دوران روشن ٻرڙي سميت ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: In order to apply disciplinary desserts for discipline in schools, the notification continued

نيوز: حيدرآباد:اسڪولن ۾ شاگردياڻين لاءِ اجرڪ واري ڊريس لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ حڪومت پاران ايلمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائرسيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي لاءِ سنڌ جي ثقافت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے