24 آچر , جون 2018

نيوز: چمبڙ: عام چونڊن لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو جاري

Chambar: Round of nomination for nominated nominee for current electionچمبڙ ۾ عام چونڊن لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو جاري آهي.

پي ايس 61 تي ڪل 25 فارم جمع ڪرايا ويا، ڇنڊ ڇاڻ بعد چئن اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا.

19 جون تائين جاري رهندڙ فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلي دوران اڄ ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي، آزاد اميدوارن خير محمد کوکر، ذوالقرنين ۽ ڌڻي بخش جا فارم بحال ڪيا ويا.

فارم بحالي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي الطاف جسڪاڻي، اسد جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته قوم ھاڻي جاڳي چڪي آھي ھاڻي وڏي گاڏين وارا ڀوتار تڪن ۾ لھن ته کين خبر پئجي ويندي.

ھنن چيو ته ڀوتارن کي خبر پوندي ته ھي مظلوم عوام ڪنھن سان گڏ آھي، ترقياتي ڪمن ۾ ڀوتارن وڏي ڪرپشن ڪۂي آھي.

سندن چوڻ هو ته ڏھن سالن دوران پ پ پ وارن سنڌ جي مظلوم عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو، زراعت، صحت ۽ تعليم سميت هر شعبي کي تباهي ڪناري پهچايو ويو.

اڳواڻن چيو ته قومپرست اسيمبلين ۾ پھچي غريب ماڻھن جو آواز اٿاري سندن حل ڪندا………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Independent candidates Khair Mohammad and Mir Muhammad Kokhar started an election campaign

نيوز: چمبڙ: آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر پاران چونڊ مهم شروع

چمبڙ ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن جي آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے