19 آچر , آگسٽ 2018

نيوز: نوابشاهه: زخمي آرٽسٽ  پاران وس وارن کي علاج ڪرائڻ جي اپيل

Nawabshah: Appeal for Wahhaban treatment by the injured artistنوابشاهه ۾ زخمي آرٽسٽ جو درست علاج نه ٿيڻ سبب سندس ڄنگهه خراب ٿي وئي.

تاج ڪالوني جي رهواسي آرٽسٽ عبدالجبار عرف آزاد ٻه مهينا اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو، سندس ساڄي ڄنگهه ڊاڪٽرن جي صحيح علاج نه ٿيڻ سبب خراب ٿي وئي آهي.

ڄنگهه خراب ٿيڻ سبب آرٽسٽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو، سندس طبيعت ويتر خراب ٿيڻ لڳي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آرٽسٽ چيو ته هو پورهيو ۽ محنت ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو هو، پر حادثي بعد هو معذور بڻجي ويو آهي.

هن چيو ته معذور ٿيڻ بعد وٽس گذر سفر جو ٻيو ڪو ذريعو ناهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهي.

هن پ پ قيادت کي اپيل ڪئي ته سندس مالي سهڪار ڪري علاج ڪرائين………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khanpur: In general, two people were burnt to death in the two separate incidents

نيوز: خانپور: ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا زخمي

خانپور مهر ڀرسان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے