20 سومر , آگسٽ 2018

چونڊون 2018، 2 هزار 386 اميدوار مختلف کاتن جا باقيدار نڪتا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )سچي ملڪ ۾ چونڊ اميدوارن  جي نامزدگي ڪاغذن  جي جانچ پڙتال  جاري آهي  ۽ ان دوران 2 هزار 368  اميدوار مختلف کاتن جا باقيدار  نڪتا آهن . سڄي ملڪ ۾  رٽرننگ  آفيسرن طرفان اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال  جاري آهي .  اسٽيٽ بئنڪ  ، پي ٽي سي ايل  ۽ ايس اين جي  پي ايل جي باقيدار اميدوارن  جون فهرستون  اليڪشن ڪميشن کي موڪليون ويون آهن . اسٽيٽ بينڪ حنار باني کر ، فيصل واوڊا ،  اسد اللهه ڀٽو، عبدالستار بچاڻي  کي بينڪن جو ڊفالٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي . قانون موجب  20 لک رپين کان وڌيڪ  قرضي کي اليڪشن وڙهي نٿو سگهي . پي ٽي سي ايل طرفان 2 هزار اميدوارن کي باقيدار ڄاڻايو ويو آهي . انهن ۾ مراد سعيد ، فيصل ڪريم  ڪنڊي ، عبدالعليم خان ، منظور وٽو ، راڻا مشهود ، ياسمين راشد  عظميٰ بخاري ، بلال ياسين ،  سرفراز بگٽي ، رانا تنوير  ، افصال ، مير ظفر اللهه ، جواد احمد م، حني عباسي ، ۽ اعجاز چوڌري شامل آهن .سوئي نادرن گيس  پائيپ لائينز  لميٽيڊ 268  ڊيفالٽر اميدوارن  جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي  موڪليا آهن.جن ۾ پرويز خٽڪ ،  غلام احمد بلور ، تهمينه دولتانه ، سميع حسن گيلاني ، دلدار خان، راجا راشد حفيظ ، ميان محمود الرشيد  هامد سعيد ڪاظمي ،  غلام رسول ڪوريجا  ۽ ٻيا شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ريلوي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت برداشت نه ڪبي: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے