20 اربع , جون 2018

نيوز: نوشهرو فيروز: ناراض پ پ اڳواڻن جو آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان

Naushero Feroz: Angry PPP leaders announced the free candidate to contest electionsنوشهري فيروز جي ناراض پ پ اڳواڻن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڀرياسٽي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شڪيل جلباڻي، مقصود خان خشڪ ۽ عبدالغفار ڏهراج آزد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو.

پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايس 34 تي شڪيل خان جلباڻي، پي ايس 33 تي مقصود خان خشڪ ۽ اين اي 2 سئو 11 تي حاجي عبدالغفار ڏهراج آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺندا.

اڳواڻن جو سندن گروپ جوڙيندڙ عثمان عالماڻي ساڻن گڏ ناهي رهيو، ڪنهن ڌر جي دٻاءَ ۾ اچي سندن گروپ کان ڌار ٿيو آهي.

هنن چيو ته پ پ انهن تڪن تي ساڳيا اميدوار بيهاريا آهن، جن کان عام ماڻهو بيزار آهن، ڪهڙي منهن سان عوام وٽ ووٽن لاءِ وڃن.

سندن چوڻ هو ته پ پ توڙي جي ڊي اي اتحاد لاءِ ڳالهين جا درواز کليل آهن، پ پ سان ڪو به اختلاف ناهي، ڪجهه ماڻهن جي غلط فيصلن تي ايماندار ماڻهن کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khipro: Form of many sindh and national units candidates have been restored

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-06-20

ڪراچي: سنڌ ۾حڪمراني نالي ڪا شيءَ ناهي: چيف جسٽس نگران وزيراعظم ڪراچي پهتو، قائد اعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے