20 سومر , آگسٽ 2018

موبائل ڪمپنين پاران 100 رپين جي ڪارڊ تي 100 رپيا لوڊ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) موبائل صارفين  کي اڄ کان پورو بيلينس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو . موبائل صارفين کي اڄ کان 100 رپين جو ڪارڊ  لوڊ ڪرڻ تي  پورو 100 رپيا ئي  ملندو . موبائل ڪمپنين  کي سپريم ڪورٽ طرفان  اڄ کان ئي لکت ۾ حڪمنامو  جاري ڪيو ويو آهي . جنن بعد  ڪمپنين  ضروري  تبديليون   ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن . ڇاڪاڻ ته موبائل  صارفين کي 100 رپين جو ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي پورا 10 رپيا بيلينس  حاصل ڪري سگهندا .انڊسٽري ذريعن موجب  سپريم ڪورٽ  طرفان موبائل ڪمپنين کي لکت ۾  لکت ۾ حڪمنامي تحت ان واڌ رليف  مان صارفين  رڳو ڏينهن تائين فائدو حاصل ڪري سگهندو . انهن ڏينهن ۾ موبائل ڪمپنين  ۽ ايف بي آر  ٽيڪس  نيٽ  ۾ ايندڙ  صارفين جو تعين ڪندي . سپريم ڪورٽ  طرفان انهن 15 ڏينهن ۾  واڌ جو هڪ ٻيو حڪمنامو جاري ڪرن جا امڪان  آهن. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ  چيف جسٽس پاڪستان  جسٽس ثاقب نٿار  جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سپريم ڪورٽ  لورٽ لاهور رجسٽري  ۾ موبائل ڪمپنين  جي ڪارڊز تي  سروس چارجز ۽ وڌ هولڊنگ  ٽيڪس  جي ٻڌني  ڪئي .  سپريم ڪورٽ  موبائل ڪارڊز تي سروس  چارجز وڌ هولڊنگ  ٽيڪس  ۽ ايڪسائيز  ڊيوٽي معطل ڪئي هئي . سپريم ڪورٽ چيو هو ته  هتي ماڻهن کان ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي . جستس اعجاز الاحسن  چيو ته  ريڙهي واري کان ڪيئن ٽيڪس وصول ڪري سگهو ٿا . عدالت چيو هو ته جنهن موبائل فون جو جيترو استعمال مقرر حد آهي  ان کان اوتري ٽيڪس وصول ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ريلوي ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت برداشت نه ڪبي: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے