19 آچر , آگسٽ 2018

نيوز: ٽنڊو باگو: ڳوٺاڻن پاران بااثرن ۽ پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو

Tando Bago: baasrn by providing police and protesting against making naansafynٽنڊي باگي ۾ ڳوٺاڻن پاران بااثرن ۽ پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ ڇُٽو ملاح جي رهواسين محمد رحيم، پپو ۽ شوڪت سميت ٻين بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته بااثرن حملو ڪري سندن ٻن ماڻهن محمد رحيم ۽ پپو ملاح کي سخت زخمي ڪيو، واقعي جي ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي.

هنن الزام هنيو ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو، پر رشوت عيوض پوليس کين آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

سندن چوڻ هو ته بااثرن ڏاڍ ڏيکاريندي سندن ماڻهن کي زخمي ڪيو، پر پوليس کين آزاد ڪري ساڻن ناانصافي ڪئي آهي.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن ۽ رشوت وٺندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي کين تحفظ ڏين………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khanpur: In general, two people were burnt to death in the two separate incidents

نيوز: خانپور: ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو،ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا زخمي

خانپور مهر ڀرسان ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ٻن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے