18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪليم تنيو آزاد ٿي گهر پهچي ويو

Young Kamil Tomeo, who was lost in Karachi, was released home* ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪليم تنيو آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي، نوجوان جي آزادي تي سندس گهرڀاتين ۾سرهائي پکڙجي وئي آهي.

ڪليم تنيو کي 16 ڊسمبر 2017 ع تي رات جي وقت سچل ٿاڻي جي حد شر ڳوٺ مان سندن گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو هو.

کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ڇهن مهينن بعد اڄ صبح اڻڄاتل ماڻهو صفوران چورنگي تي ڇڏي ويا.

نوجوان جي آزادي تي سندس گهر ڀاتين ۾سرهائي پکڙيل آهي.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪليم تنيو چيو ته سڀاڻي خميس ڏهاڙي ملير پريس ڪلب ۾پريس ڪانفرنس ڪندو.

هن چيو ته سندس ڪنهن به قوم پرست پارٽي سان تعلق ناهي، هو پرامن شهري طور زندگي گذاريندو.

مختلف سياسي سماجي اڳواڻن اسد اقبال بٽ ۽ ٻين سندس گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے